سنڌ جا زيور2

سنڌ جا زيور2

سنڌ جا زيور2

سنڌ جا زيور2

سنڌ جا زيور

سنڌ جا زيور

نڪ جا زيور

نڪ جا زيور

ڪن جا زيور

ڪن جا زيور

ڳچيءَ جا زيور

ڳچيءَ جا زيور

هٿ جي آڳرين جا زيور

هٿ جي آڳرين جا زيور

پيرن جا زيور

پيرن جا زيور

سنڌ جا زيور2

سنڌ جا زيور: سنڌ ۾ زيور پائڻ جو رواج ايترو قديم آهي، جيتري سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ تمدن. ماهرن مطابق سنڌ ۾ زيور پائڻ وارو سلسلو پراڻي پٿر واري زماني، لوهه ڪنجهيءَ ۽ ڪانسيءَ واري زماني کان ڄاڻو ويو آهي. اهڙيون شهادتون ۽ ثبوت ڪوٽڏيجي، ڪوٽ آمري، موهن جي دڙي، چانهون جي دڙي، جُهڪر جي دڙي، ڪُلي، ميهي، ڀنڀور، روپا ماڙي، ڪونجسر، اگهاماڻي، ڪرهيو ڀانڊاري، برهمڻ آباد، هڙاپا، منصوره، مهرگڙهه، نوشهره ۽ مختلف قديم ماڳن مڪانن جي آثارن، دڙن جي کوٽائي ذريعي ظاهر ٿيون آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ هندستان ۾ اُتر پرديش جي ضلعي مظفرڳڙهه کان 93 ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ مَندي (Mandi) جي ماڻهن وٽان پڻ اهڙا سونا زيور هٿ آيا آهن جن بابت ماهرن جو خيال آهي ته اهي زيور 2600-1900 ق.م پراڻا آهن، جن جو تعلق سنڌو ماٿري جي تهذيب سان ٻڌايو ويو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي تهذيب جا مالڪ نه صرف زيور پائڻ جو شوق رکندڙ هئا بلڪه زيور ٺاهڻ ۾ مهارت پڻ رکندا هئا. زيور ٺاهڻ ۽ پائڻ جو اهو تسلسل موجوده زماني تائين ڪن معمولي تبديلين سان هن وقت به رائج آهي. کوٽائيءَ وسيلي جيڪي زيور مليا آهن، انهن ۾ عورتن ۽ مردن جا زيور آهن ۽ عورتاڻي جسم جي هر عضوي جا زيور شامل آهن. جن ۾: ڳچيءَ، مٿي، هٿن، پيرن، ڪن، نڪ، چيلهه وغيره جا زيور مختلف ۽ قسمين قسمين ڊول ۽ ڊزائين، نقش ۽ چٽن تي مشتمل آهن. هر زيور جي گهاڙيٽي، بناوٽ، بيهڪ جو نمونو، ماپ ۽ طور، ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ ٻئي کان نرالي ۽ خوبصورت آهي. اهي زيور مختلف ڌاتن سون، چاندي، ٽامي، ڪوڏن ۽ ڪوڏين، موتين، قيمتي پٿرن سميت عاج، مٽي، ڪاشيءَ ۽ چيني جي چوڙين ۽ مڻڪن وغيره جا ٺهيل آهن.
سنڌو ماٿريءَ جي سڀ کان قديم دڙي آمريءَ ۽ گاجي شاهه ضلعي دادو جي دڙن جي کوٽائي دوران مٽيءَ جا زيور لڌا ويا آهن. ان کانسواءِ گاجي شاهه مان ٽامي جي سنهي سَر-پٽي ملي ۾آهي، جا اصل ۾ سر-جند جو هڪ حصو آهي. اها ڊيگهه ۾ 1.64" انچ ۽ 0.35" انچ ويڪر ۾ آهي. اهڙي قسم جا ٻيا سر-بند موهن جي دڙي، چانهوءَ جي دڙي ۽ جُهڪر جي دڙي مان پڻ مليا آهن. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪيترن ئي قسمن جا ’ڳچيءَ جا هار‘ مليا آهن. انهن ۾ ٻه هار سائي ۽ گلابي رنگ مائل آهن. سائي رنگ جو هار سون جي مڻين جي سَرن مان ٺهيل آهي، هن هار جو هر مڻيو 0.9" انچ ڊگهو، وچ 0.045" انچ قطر ۾ ٿلهو ۽ ڇيڙا 0.25" انچ جا هئا. هر هڪ مڻيو ٿالهي جي نموني وچ ۾ سون جي پٿرن سان ٺهيل ۽ پنج پنج مڻيا پوتل هئس. سون جي هر مڻيي جي ماپ 0.04" انچ جي هئي. هن قسم جو هار معمولي تبديلي سان اڄ به سنڌ ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. گلابي رنگ جو ٻيو هار، گلابي موتين سان پوتل آهي، جيڪو بيضوي شڪل جو آهي. جنهن جي هر هڪ موتي جي ڊيگهه 0.85" انچ ۽ ويڪر 0.4" انچ قطر آهي. هن هار ۾ گلابي رنگ جي هر موتيءَ کانپوءِ، ڪنجهي جا ڇهه ڇهه موتي پيل آهن. اهڙيءَ طرح انچ ڇهه پترو سونو هار، تعويذ (ٿائيٿ)، گلوبند، گلي-پٽا پڻ مليا آهن. انهن زيورن کانسواءِ ڪنجهي ۽ ٽامي مان ٺهيل چوڙيون، ٻانهيون، ٻانهن-رکيون، بازو بند ۽ مورتيون به مليون آهن، جيڪي مٽي ۽ پٿر مان ٺهيل آهن، جن کي زيور پاتل ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جي مختلف تاريخي دڙن مان چاندي ۽ ڪنجهي جا ٺهيل ڪنن جا زيور جهڙوڪ: پنڙا، ڪوڪا، جهومڪ لوٽا ۽ ڪيوٽيون وغيره پڻ لڌيون ويون آهن. اهي مختلف ڊول ۽ ڊزائين تي ٻڌل ڪي ٽه-پاسائان، ڪي نبات نموني جا (Cone) ته ڪي وري چورس ٺهيل آهن. موهن جي دڙي مان چانديءَ جي منڊي به هٿ آئي آهي، جنهن تي واڌو جو نشان ڏنل آهي، جنهن کي اڄڪلهه کيرو-ول چئبو آهي. اهڙيءَ طرح ڪنجهي ۽ ڪانسيءَ مان ٺهيل منڊيون پڻ مليون آهن.
سڀ کان دلچسپ زيور ٿائيٿ (تعويذ) آهي ۽ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ قديم تهذيب ۾ به موجوده زماني وانگر، سنڌ ۾ ٿائيٿ پائڻ جو رواج تمام گهڻو هوندو هو. جيتوڻيڪ اُن زماني جي سونارن جي ڪاريگريءَ جي تصديق لاءِ ڌار ڌار نمونن ۽ گهاڙيٽن وارا هار مضبوط دليل آهن. انهن مان ڪي ٿائيٿ دلچسپ مطالعي لاءِ ڌيان ڇڪائين ٿا. انهن مان ڪي پکين، جانورن، جاندارن، گلن ۽ ٻوٽن جي شڪلين ۽ صورتن تي ٺاهيا ويا آهن. انهن مان هڪ ٿائيٿ کيرٿر واري حصي ۾ ملندڙ جانور سرههُ (Ibex) جي شڪل تي ٺاهيو ويو آهي. هڪ ٿائيٿ اهڙو به هٿ آيو آهي، جيڪو ڪوڏ مان ٺهيل آهي ۽ واڳوءَ جي شڪل جهڙو آهي. هڪ ٽه- پاسائون ٿائيٿ پرزم (Prism) جي شڪل جو آهي، جنهن جي هڪ پاسي تي هاٿي، گڻيش (ديوتا) هرڻ ۽ شڪاريءَ جي شڪل ٺهيل آهي ٽئين پاسي تي جانورن جون شڪليون نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح ڀولڙي، ڍڳي ۽ سهي جي شڪلين جا ٿائيٿ به هٿ آيا آهن. چانهوءَ جي دڙي مان پڻ مٽي مان ٺهيل تعويذ هٿ ڪيا ويا آهن. انهن مان هڪ تي ٻن هرڻن جون شڪليون اڪريل آهن، ٻئي تعويذ تي ڪنول گُل جي ميوي يعني ’ڪُم‘ جي شِڪل ڪڍيل آهي، ان تعويذ تي رسيءَ جي گنڍ (سرڪ ساهي/ Reef-Knot) جي تصوير جا نشان ٺهيل آهن. اهي تعويذ ٽڪنڊن ۽ گول شڪل جا آهن. هن دڙي جي کوٽائي مان ڪنن جا ڪوڪا پڻ ملن ٿا، جيڪي پڻ ڪنول گل نما ٺهيل آهن. اهڙي نموني سان قميصن جا ٻيڙا (Buttons) پڻ لڌا ويا آهن، جيڪي رٿ جي چڪر يا ڦيٿي (Chariot-Wheel) ۽ مختلف ڊول ۽ ڊزائينن ۾ آهن. موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ جي مورتي ملي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي زيور پاتل ڏيکاريا ويا آهن، جن ۾: هار، گلوبند، ڪبچي پٽا، چوڙيون، ٻانهيون، ٻانهوٽا، بازو بند، چيلهڪيون يا چيلهه پٽا، نورا ۽ ڪڙيون شامل آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا اها دعويٰ ڪئي آهي ته: ”سنڌ ۾ سونارڪو هنر صديون پراڻو آهي ۽ هزارين سالن کان هلندو اچي ٿو ۽ سنڌ جي مينا ڪاري ۽ ڪاريگرن جي هنرمنديءَ تاريخي ثبوت پيش ڪيا آهن.“
اهڙيءَ طرح دڙن جي کوٽائي مان سون ۽ چانديءَ مان ٺهيل ڏند ۽ ڪن کوٽڻيون، وارن جا ڪانٽا، سرمي وجهڻ واريون سرايون ۽ ڪانيون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. سنڌ جي زيورن جي هنرمندي جو اهو سمورو دؤر ست (7) کان ڏهه (10) هزار سال پراڻو آهي، جنهن کانپوءِ هر دؤر جي سياست، مذهب ۽ فرقيواريت جي بنياد تي پڻ زيور ٺهيا ۽ رواج هيٺ آيا. ٽئڪسلا (Taxila) ۾ گنڌارا دؤر (Gandhara Period) جا پڻ ڳهه ملن ٿا، جيڪي پڻ سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهن. اهي سونا زيور گهڻو ڪري ڏيهي آهن پر ڪجهه پرڏيهي تهذيبن جي هنرمندي جي زير اثر پڻ ٺاهيا ويا هئا. اهي سڀئي زيور قيمتي پٿرن ۽ جواهرن سان مڙهيل آهن. ان دور ۾ زيور ٺاهڻ جو هنر وڏي پئماني تي پکڙيل هو، جنهن ۾ قدرتي شين مثلاً: سج، چنڊ، تارن، گلن ڦلن، قدرتي منظرن ۽ ڪيترين ئي متبادل شڪلين ۽ ڊولن ۾ هنرمندي ذريعي، نقش نگاري ۽ چٽ چٽي، زيور جوڙيا ويندا هئا. ڳچيءَ جي هارن ۾ قيمتي پٿرن، هيرن ۽ جواهرن کي اڃا به خوبصورت ۽ وڻندڙ ڊزائينون ڏيئي ٺاهيو ويندو هو. ٻانهن جي زيورن ۾ ڪَڙَن کي ڪيتريون ئي شڪليون ڏنيون ويون، جن مان هڪ شڪل ٻن منهن واري نانگ جي پڻ آهي. نانگ جا ٻئي منهن ڪڙي جي شڪل ۾ هڪ ٻئي کان ٿورو اڳتي مليل ۽ مُڙيل آهن. ان کانسواءِ ڪڙن جي اندرئين پاسي خالي خول ۽ سوراخ ڇڏيو ويو، جنهن سان هڪ طرف اهي وزن ۾ هلڪا ٿيا ته ٻي پاسي انهن ۾ مختلف قيمتي پٿر مڙهي، قسمين قسمين رنگن جي ميناڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ڪيترين ئي بهترين شڪلين مثلاً: پنن، گلن جي ٽن پتلڙين، دل جي شڪلين ۽ ڪڻڪ جي پنن وانگر تراکڙي ڊزائينن ۾ قيمتي پٿرن کي ڪٽي ۽ ڪوري هٿ جي منڊين، ڪنن جي زيورن ۽ مختلف قسمن جي زيورن ۾ انهن قيمتي پٿرن جو استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ نموني سان ڳچيءَ جي زيورن ۾ هَس، هَسلي ۽ مختلف قسمن جي هارن، ڪلهي ۽ ٻانهن جي زيورن ۾ ڪڙن، ڪنگڻ، چوڙين، ٻانهين ۽ ٻانهه-رکين وغيره ۽ پيرن جي زيورن ۾ نوار، نيور، ساٽيون ۽ ڇيرون وغيره ڪيترن ئي عضون جي مختلف زيورن جا دلڪش ۽ خوبصورت نمونا ٺاهي پيش ڪيا ويندا هئا، جن ۾ هيرن، جواهرن، موتين ۽ قيمتي پٿرن جو استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن سان هڪ طرف مختلف قسمن جا زيور پائڻ سان عورت ۾ وڌيڪ خوبصورتي پيدا ٿيندي هئي ته ٻي طرف سون جي زيورن جون ڪيتريون ئي سهڻيون ڊزائينون ۽ ڊول ٺاهيا ويندا هئا.
مسلمانن جي عهد ۾، زيورن جو قديم انداز اڳين کان تبديل ٿي ٿيو ۽ هي واپار وسيع پئماني تي پکڙجي ويو هو. سنڌ ۾ عرب حڪومت قائم ٿيڻ دوران هڪ طرف اسلام جهڙي متبرڪ ۽ عظيم مذهب جو نئون جذبو هو. ٻي طرف غير مادي زندگي ۾ روحانيت جو زور پنهنجي عروج تي هو، جنهن ڪري سنڌي سماج ۾ مقامي ماڻهن ۾ گهڻو لاڙو زهد ۽ تقويٰ، عبادت ۽ رياضت ۽ درويشي طرف مائل ٿيو. ان ڪري هار سينگار جي غرض سان سون مان ٺهيل زيورن کي پائڻ معيوب سمجهيو ويندو هو. اسلام جي آمد کانپوءِ هندو ڌرم ۽ هندو عقيدن کي تمام وڏو نقصان رسيو ۽ سندن روايتن موجب مندرن ۾ موجود مورتين کي زيورن سان سجائڻ ۾ گهٽتائي اچي وئي. بعد ۾ غوري خاندان جي حڪومت ۾ قائم ٿيڻ سان زيورن جي استعمال ۽ واپار جا رستا کليا. ساڳي ريت قديم دؤر ۾ سيلجوقن طرفان خلافت جو ڌاڪو ڄمائڻ کانپوءِ زيور جي زيب ۽ ڏيکاءُ جي رجحان ۾ آزادي وارو نمونو نظر اچي ٿو، جنهنڪري ميسور کان وٺي سنڌ جي ساحلي علائقن تائين زيور جو استعمال عام ٿي ويو هو. مؤروثي روايتن ۽ رواجن کي برقرار رکندي زيور جي استعمال، نمائش ۽ ڏيکاءُ کي مڪمل آزادي ڏني وئي، تنهن هوندي به مغل دؤر ۾ جوهري ۽ سونارڪو هنر مقامي حدن تائين محدود رهيو ۽ محظ محلن اندر راڻين ۽ شهزادين جي سينگار لاءِ ڪتب ايندو هو. هندستان ۾ قائم مغلن جي شهنشاهيت دوران، ملڪي خوشحالي وڌڻ سبب خوشحال طبقن ۽ گهراڻن جو لاڙو آرائشي شين ڏانهن وڌڻ لڳو، جن ۾ آرائشي ۽ زيبائشي زيورن جي بناوٽ پڻ شامل هئي. ملڪائن ۽ راڻين لاءِ جهجهي انداز ۾ آرائشي ۽ زيبائشي زيور، ڪيترن ئي نت نين ڊزائينن ۽ ڊولن ۾ تيار ڪيا ويا. نورجهان جي زيورن ۽ آرائشي شين ۾ نيون تخليقون ڪيون ڪيون. ڪجهه زيورن جي بناوٽ لاءِ پاڙيسري مُلڪن مان روايتي ۽ نوان ڊزائين پڻ متعارف ٿيا. مثلاً: سترهين صدي عيسوي دوران ارمينيا جي هڪ پناهگير بلوچستان ۾ زناني آرائشي ۽ زيبائشي شيون تخليق ڪري، زيورن جي تسلسل ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. موجوده وقت ۾ پڻ سنڌ اندر ٺهندڙ بيشمار زيورن جي بناوت مغليه ۽ کانئن اڳ واري اسلامي دؤر کان متاثر ٿيل آهي ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ اهڙا زيور استعمال ٿين ٿا.
زيور ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ خام مواد ۽ ڌاتو: زيورن ٺاهڻ لاءِ قديم زماني کان وٺي موجوده وقت تائين مختلف قسمن جو خام مال ۽ ڌاتو پئي ڪم آيا آهن. قديم زماني ۾ مٽي ۽ ڪاٺ مان پڻ زيور تيار ڪيا ويندا هئا. ڪاٺي مان ڌار ڌار قسمن جا زيور ٺاهيا ويندا هئا، جنهن لاءِ ڪنڊيءَ جي پاڙ کي استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن کي ’ڪرسي‘ چوندا هئا. اِها ڪاٺي جي ’ڪرسي‘ مضبوطيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ان کانپوءِ پٿر، ڪوڏ ۽ عاج مان پڻ زيور تيار ڪيا ويا، جنهن بعد لوهه، ڪنجهي، ڪانسي کي زيورن ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. نيٺ سون، چاندي ۽ ٽامي مان زيور جوڙيا ويا. سادي مٽي جي ڪم کانسواءِ ڪاشي ۽ چيني جا رنگين مڻڪا، لاڙ جي دڙن ڀنڀور، روپا ماڙي، ڪرهيو ڀانڊاري، ڪونجسو، توڙي اگهاماڻي مڱريا ۽ ڪاڪيجاڻي مان ملن ٿا. مٽي ۽ ڪاٺ کي ابتدائي ڳهن کي ٺاهڻ جو وسيلو سمجهيو ويندو هو. ڪاٺيءَ مان ’ڪرسي‘ حاصل ڪري نڪ جي زيورن ۾ گلن واريون ڦلڙيون پڻ ٺاهيون وينديون هيون، جنهن جو مثال اڄ تائين ملي ٿو. سنڌ جي زيورن ۾ پٿر جو استعمال قديم زماني کان هلندو اچي. کوٽائيءَ ذريعي اهڙا ڪيترائي پٿر لڌا ويا آهن، جن ۾ عقيق، سليماني عقيق، سنگ سليمان، پکراج، فيروزو، لاجورد، ياقوت وغيره شامل آهن. انهن پٿرن کي ڪَٽي ننڍا ۽ وڏا گول، چورس ۽ مختلف قسمن جا مڻيا تيار ڪري انهن مان هار جوڙيا ويندا هئا. هيءُ فن جيترو قديم آهي، اوترو اڄ به سندس قدر ڪيو وڃي ٿو، جو اهي قيمتي ٻڙا هٿ جي منڊين، هٿ جي ڪڙن، ڳچيءَ جي هارن، نٿن ۽ مختلف زيورن ۾ استعمال ٿيندا آهن. پٿرن کانسواءِ قديم دؤر جي زيورن ۾ ڪوڏن ۽ ڪوڏين جو استعمال پڻ ملي ٿو. اهڙيون سپون ۽ ڪوڏ اڪثر سمنڊ جي ڪناري تي ملنديون آهن. ڪوڏ مان ٺهيل مختلف قسمن جا زيور جهڙوڪ: ڪونجسر، ڪرهيو ڀانڊاري، ڀنڀور، راوڙ، ڪوٽڏيجي، آمري، موهن جي دڙي ۽ اگهاماڻي مان هٿ ڪيا ويا آهن، جن مان ڪوڏ يا سپيءَ مان ٺهيل مختلف زيور مڻيا، چوڙيون، ڪن ڦل ۽ ٻيا زيور لڌا ويا آهن. ڪوڏ کانپوءِ هاٿي جي ڏندن ۽ عاج مان پڻ زيور ٺاهيا ويا، جيڪي مختلف ماڳن مان هٿ ڪيا ويا آهن، تن ۾ ٻانهيون، زيور، مڻيا، مڻڪا وغيره شامل آهن. ٽامي ۽ ڪنجهي جا زيور پڻ مختلف ماڳن کان ملن ٿا، جنهن ۾ ڌاتو جو استعمال موجوده دؤر ۾ سون ۽ چاندي سان گڏيل طور ڪيو وڃي ٿو. سونارن وٽ سون کانپوءِ چاندي جو درجو آهي ۽ عوام به سون کانپوءِ چاندي کي پسند ڪندو آهي. نج چاندي سون وانگر زيور بنائڻ جي لائق نه هوندي آهي، ڇو ته اها تمام نرم هوندي آهي، تنهنڪري سونارا چاندي ۾ گلٽ ملائي سخت ڪندا آهن جنهن بعد ان مان زيور بڻائي سگهجن ٿا. سونارن وٽ چانديءَ جا مختلف نمونا ۽ قسم آهن، انهن مان ڪچي چاندي، رائي چاندي، جستي چاندي، گلٽ (جرمن سيلو)، پانڌلو ۽ هنڊايل (هنيڊيل) چاندي قابل ذڪر آهن.
ڪچي چاندي: هن قسم جي چاندي تمام نرم ٿيندي آهي، هن مان ويڄ ۽ حڪيم دوائون پڻ ٺاهيندا آهن. هيءَ اصل چاندي آهي، جنهن کي زنگ ناهي لڳندو. اهڙيءَ قسم جي چاندي مان پوپٽ، مومن، واليون، وغيره جهڙا زيور تيار ڪيا ويندا آهن.
راڻي چاندي: اهڙي قسم جي چانديءَ ۾ سونارا هڪ تولي چاندي سان، هڪ ماسو ٽامو ملائيندا آهن، جنهن سان اها چاندي مضبوط ٿيندي آهي. رائي چاندي مان ڇيرون، ٻُنڌا، چوڙيون، ڇلا، ورڻا، ڇٽ واريون منڊيون، پينا ڪڙا، شينهن مورا ۽ ٻيا زيور ٺهندا آهن.
جستي چاندي: هن چاندي ۾ چانديءَ جي تولي ۾ ڏيڍ ماسو جست ملايو ويندو آهي، جنهن مان ڪڙيون ۽ ٻنگليون وغيره ٺاهيون وينديون آهن.
گِلٽ (جرمن سلور): هيءَ چاندي نه آهي، پر شڪل لڳ ڀڳ چانديءَ جهڙي اٿس. غريب غربا گِلٽ مان زيور ٺهرائي پائيندو آهي، ڇو ته گلٽ جي ڀيٽ ۾ چاندي مهانگي ٿئي ٿي.
ٻانڌلو: ٽامي جي چوڙين ۽ مختلف زيورن مٿان چانديءَ جي پتري چاڙهڻ کي سوناراٻانڌلو‘ چوندا آهن، جنهن ڪري زيور بلڪل چانديءَ جهڙو ڏيکاءُ ڏيندو آهي.
هنڊايل يا هينڊل: هنڊايل يا استعمال ڪيل چاندي جي زيورن کي هنڊايل ۽ هينڊل چئبو آهي. اها ملاوٽي چاندي هوندي آهي، جنهنڪري اُن کي صاف ڪري ’پوکانڙيون‘ ٺاهيون وينديون آهن.
سنڌ جي زيورن جا قسم ۽ نمونا:
مٿي جا زيور: مٿي جي وارن ۽ نراڙ تي جيڪي زيور پاتا وڃن ٿا، اُهي مٿي جي زيورن ۾ شمار ٿين ٿا. انهن ۾ جهومر سڀ کان مشهور ۽ مهانگو زيور آهي. ان کانسواءِ چوٽيون، ڪنڍا، چوٽي ڦل، آلي ٽڪو، ٽڪلو، منهن ڏاڻي، سڳيون، بڪل، ڪلپ ۽ تاج وغيره مٿي جا زيور آهن. جهومر هڪ وزندار ۽ ڳرو زيور آهي، جنهن کي ’مرزو‘ پڻ چوندا آهن. هن قسم جي زيور ۾ هڪ (Hook)، پنڙيون، تلڪيون ۽ لٽڪڻ به ٿئي ٿي. بناوٽ جي لحاظ کان هي چئن حصن ۾ ورهايل آهي، وچ واري پتري، هيٺيائين پتري ۽ لٽڪڻ ۽ هيٺ وارو ڀاڱو. هي زيور امير ماڻهن جون زالون استعمال ڪنديون آهن. ٽڪلو سنڌ ۾ هندن مسلمانن جون عورتون استعمال ڪنديون آهن. ڏاڻي، نٿ کي قابو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. آلي، ننڍي عمر جو ٻارڙن کان وٺي 40 سالن جي عمر واريون عورتون پڻ استعمال ڪنديون آهن. آلي جو استعمال اڳ ۾ سماٽ قومون ڪنديون هيون، ڏاڻي ڪنڊو، ڳري نٿ ۽ وينڊي کي وچ ۾ جهلي بيهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چوٽيون، وار سينگارڻ جو زيور آهي. سنڌي سماج ۾ مڙس جي حياتي تائين عورت مٿي ۾ زيور پائي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ هوءَ اُهي زيور نٿي پائي سگهي.
نڪ جا زيور: سنڌي سماج ۾ عام مقولو مشهور آهي، ’نڪ رکڻ‘ يعني ننگ ۽ ناموس رکڻ، ’نڪ ڪپڻ‘ وڏي عيب ۽ بي عزتي جي علامت آهي ۽ ٻين ڪيترين اصطلاحي معنائن ۾ نڪ جي معنيٰ، ننگ ۽ عزت پڻ آهي. ان کانسواءِ سنڌي سماج ۾ عورت پنهنجي مرد کي نڪ سان تشبيهه ڏيندي آهي ۽ مرد وري عورت لاءِ نڪ جي تشبيهه استعمال ڪندو آهي. سنڌي سماج ۾ هر ذات جي عورت کي نڪ ۾ موروثي زيور هوندو آهي، جنهن جي ذريعي ان جي سڃاڻپ به ڪري سگهجي ٿي. سنڌ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون نٿ ۽ بُولو ڪونه وجهن، پرڻيل عورتون ئي ان جو استعمال ڪنديون آهن. نڪ جي زيور ۾ نٿ هن وقت سموري سنڌ جي هر قبيلي ۽ ذات ۾ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه نڪ جي زيورن ۾ سماٽ قبيلن جا مختلف وينڊا جهڙوڪ: ريٻاڙين جو وينڊو، ٿري وينڊو، سومرڪو وينڊو، ميگهواڙڪو وينڊو، خواجڪو وينڊو ۽ ٻين زيورن ۾ بينسر، ويٽي، هيرو (ڦلڙي جي جاءِ تي)، ڪوڪو وغيره آهن. انهن کان علاوه مختلف ذاتين ۽ قبيلن جي نڪ جي زيورن ۾ ڦلڙي، ست ٽڪي ڦلڙي، تيرهن ٽڪي ڦلڙي، بُرج واري ڦلڙي، رائيداري ڦلڙي، بولي، چاندي جي بولي، نٿ، فينسي نٿ، سنڌي نٿ، شورڪي نٿ، چانگن جي نٿ، جمالڪي نٿ، جتن جي نٿ، جڙاوار ڦلڙي، ٽي ٽڪي ڦلڙي، ڄاري واري ڦلڙي، ڪنگري واري ڦلڙي، رائيدار ڦلڙي، لونگ ۽ ڪوڪا، ويٽي وغيره شامل آهن.
ڪن جا زيور: ڪن جسم جو اهڙو حصو آهي، جنهن ۾ عورت توڙي مرد ٻئي ڪن ۾ زيور پائن ٿا. عورتاڻا زيور گهڻا ڳرا هوندا هئا پر هاڻي هلڪا ٺاهيا وڃن ٿا. مرد به ڪيوٽيون، واليون ۽ لونگ وغيره جو استعمال ڪن ٿا. ڪن جي پاپڙي کي زيور پائڻ جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کان سواءِ ڪن جي ڪُنگر ۽ وچ ۾ پڻ زيور وڌا وڃن ٿا. ڪن جي زيورن ۾ ايرنگ، جهومڪ (جنهن جا ٽي گهاڙيٽا آهن: روَن وارا جهومڪ، ڪٽائي وارا جهومڪ ۽ مينا وارا جهومڪ) ڪن ڦل جنهن جا پڻ مختلف قسم ۽ گهاڙيٽا آهن (لسا ڪن ڦل، واڻڪا ڪن ڦل يا ڄاري وارا ڪن ڦل ۽ ڍاٽي ڪَنَ ڦل)، مگرن جا به ڪيترائي قسم آهن، انهن ۾ سنڌ اندر ٻه مگرن جا قسم: پالو مگر ۽ جهالو مگر استعمال ٿين ٿا. والين جا به ڪيترائي قسم آهن انهن ۾ (وٽ واريون واليون، لسيون واليون، گل ڦل واليون، پائيپ واليون، فينسي واليون، بينڊ واليون، سنهيون واليون (ننڍي ڄمار جي ڇوڪريون پائن ٿيون)، ڪناري واريون واليون (وڏيون عورتون پائن ٿيون)، گولين واريون واليون (اهي ڪنواريون ڇوڪريون پائن ٿيون)، وٽ واريون واليون (اهي وڏي ڄمار جي عورتن جي پهرڻ جون واليون آهن).انهن کانسواءِ جهالر، جهمٽيون، والن جا به مختلف قسم ٿين ٿا جن ۾: سنڌي والا، چورس والا، چانور والا، فينسي والا، لسا والا ۽ سامي والا اچي وڃن ٿا). انهن کانسواءِ دُر، ڪڙڪون، سيريون، ڏرگل الولڪ (ڪنن جي وچ ۾ پائڻ جو زيور)، نبسيون (ٻه قسم آهن جڙا واريون ۽ برج واريون نبسيون)، پوکانڙيون (ٻه قسم آهن لسيون ۽ ڦوٽڙي واريون پوکانڙيون) جيڪي ڪولهي عورتون پائن ٿيون، پنڙيون (ٻه قسم آهن لسيون ۽ گهنگرين واريون پنڙيون)، پوپٽ (سومرا ۽ ميگهواڙ ذاتيون پائن) مومن، ڪيوٽيون، درٻڄا، ٻنڌا، جن ۾ ڪڇي مسلمانن جون پوکانڙيون ۽ واڻڪا ڪن ڦل اچي وڃن ٿا. انهن کانسواءِ ڪجهه ٻيا به ڪنن جا زيور به آهن.
ڳچيءَ جا زيور: ڳچيءَ جي زيورن مان هيٺيان زيور اچي وڃن ٿا:
ڪَنٺي (هندو ذاتين ۾ ڪولهي ۽ ميگهواڙ پائن ٿا)، هار (اهي ڳچيءَ جا عام زيور آهن، جنهن جا مختلف حصا ڪٽيل پترو، زنجير، ڪڙيون ۽ پتلو ٿين ٿا)، مانڌريا، هسلي (ٻه قسم آهن، پوري هسلي ۽ پيني يا نهري هسلي، دل پاڪ) مسلمان هن تي الله ۽ رسول صه جا نالا لکرائيندا آهن ۽ هندو پنهنجي عقيدي موجب اوم يا مڃتا جا بُت اڪرائيندا آهن)، نيڪليس (ٻه قسم آهن، سادو ۽ داڻيوارو نيڪليس)، لاڪيٽ (مختلف قسم آهن جهڙوڪ: ڍولڻ وارو لاڪيٽ، گول لاڪيٽ، کارڪن وارو لاڪيٽ)، راڻي هار (هن هار جا به مختلف قسم آهن: موتين وارو هار، تلڪين وارو هار، پٽين وارو هار، ڪٽائي وارو هار، مينا وارو هار)، ڪٺمال، هانسلي (هس) (ميگهواڙ ۽ ڪولهي پائيندا آهن)، ويلو (ٻه قسم: لسو ۽ ماڪوڙي وارو ويلو)، چندن هار، وارلو، هَسي، هانوڙي (ميگهواڙن ۽ ڪولهين جون ڪنواريون ڇوڪريون پائينديون آهن)، گلوبند ٿائيٿ (هندو مسلمانن ۾ عام آهي)، دهري (ٻه قسم آهن، سنڌي دهري ۽ فينسي دهري).
ٻانهن جا زيور: ٻانهن جي زيورن کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو: (الف) هٿ جي آڱرين جا زيور، (ب) ٻانهن جا زيور.
(الف) هٿ جي آڱـريـن جا زيور: هـٿـن جي آڱـريـن جي زيـورن ۾ مـنڊيـون ’ڇلا‘ ويڙهه يا ورڻا، کيرولون، آنيئرو يا آنهيرو ۽ چنبو وغيره اچي وڃن ٿا. منڊي يادگيري لاءِ تحفي طور به ڏجي ٿي ۽ شادي وهان‎ءُ ۾ پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ڇلا دوستي ۽ چاهيندڙن جون نشانيون آهن.
کيرولون: هي خاص ڪري ڪنوار جي پهرڻ جي منڊي آهي، جنهن تي گلن جا چٽ ۽ قديم زماني کان کيرول جو نشان ۽ گنڍ سنڌي سماجي مؤرثيت جي علامت آهي، سا رواج ۾ هلندي پئي اچي.
چنبو: هي زيور شاديءَ وقت ڪنوار جي هٿن ۾ پاتل هوندو آهي جنهن ۾ پنج منڊيون ۽ انهن جون زنجيرون، هٿ ٽڪو ۽ هڪ ڪنگڻ پيل هوندو آهي.
ڇلا: ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا، جن ۾ لسو ڇلو، گهاڙ وارو ڇلو، گهنگرين وارو ڇلو، ميناڪاري وارو ۽ وٽيل ڇلو وغيره اچي وڃن ٿا.
(ب) ٻانهن جا زيور: ٻانهن جي زيورن ۾ ٻارکيون (ٻانهرکيون)، چوڙيون، چُوڙا، ڪڙيون، ڪڙا، هٿڙيون، منگليون، ڪتريا، پونچي، هٿ گجريون، دستيون، ٻانهيون ۽ ڪلهن ۾ پٽا پاتا وڃن ٿا. ٻانهن جا سڀئي زيور سماٽ قومن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي استعمال ڪن ٿا. اهي زيور سون ۽ چاندي مان تيار ڪرايا ويندا آهن. نامور محقق محمد سومار شيخ چوڙين جا ڪيترائي قسم ڏنا آهن، انهن ۾: پهلودار چوڙيون، حيدرآبادي چوڙيون، لهرين چوڙيون، رائيدار چوڙيون، پتيدار چوڙيون، ور واريون چوڙيون، سيون چوڙيون، ڇيل واريون چوڙيون، مينا واريون چوڙيون، ٺپي واريون چوڙيون. ٺپي واري چوڙين جا به اڻ کٽ نمونا آهن جن ۾: ڪنگرين واريون چوڙيون، گل ڇاٽو چوڙيون، پتيدار چوڙيون، نموريون چوڙيون، گل ڇاٽو چوڙيون، پتيدار چوڙيون، نموريون چوڙيون، موتيو گل چوڙيون، روُن چوڙيون، پهلودار چوڙيون، رائيدار چوڙيون، پتي واريون چوڙيون، مڪراني چوڙيون، نانگڻ چوڙيون، سنهيون چوڙيون ۽ ڪٽائي واريون چوڙيون شامل آهن.
پيرن جا زيور: سنڌ ۾ رهندڙ سماٽ قومن جون عورتون، ڪيترن ئي قسمن جا مختلف زيور پيرن ۾ پائن ٿيون. ڪي زيور پيرن جي آڱرين ۾ پڻ پاتا وڃن ٿا. پيرن جي زيورن ۾ ڪڙيون، نورا، ڇير، پاجيت (پازيب)، جهانجهر، وڇڻا، منڊيون، ورڻا، ڪڙا، پير ڇلا، پولڙيون، ٻڏيءَ ٻيڙي جي ڪڙي. ڪاڍليا، ساٽا وغيره شمار ٿين ٿا.
پيرن جي آڱرين جي زيورن ۾ وڇوڻا (هن جا ٽي قسم آهن: مينا وارا، ٺپي وارا، چٽ وارا)، پيرن جون منڊيون (انهن منڊين جا ٽي قسم آهن: روپڻي واري، چٽ واري، جڙا واري، مينا واري)، پيرن جي آڱرين جا ڇلا (ٻن قسمن جا ٿين ٿا، روپئي وارا ۽ پهلودار)، پولڙي (هي ڪولهي عورتن جي پيرن جي منڊي آهي، جنهن تي ميناڪاري جو ڪم ٿيل هوندو آهي) ورڻا به پيرن جي آڱرين جا ڇلا آهن (جن جا ٻه قسم ٿين، ٽه وار ورڻا ۽ پنج وار ورڻا) شامل آهن.
انهن کانسواءِ پيرن جي زيورن ۾ پاجيب (پازيب)، جهانجهر، ڪڙا (جن جا ٽي قسم ٿين، خواجڪا ڪڙا، ٻروچڪا ۽ سماٽڪا ڪڙا)، ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جي ڪڙي (جن عورتن جو اولاد نه بچندو آهي، اُهي ٻڏل ٻيڙيءَ جي ڪڙي پائن، جا لوهه مان ٺهندي آهي)، ساٽا، ڪڙيون (پنج قسم جون آهن: ڀوريون ڪڙيون، پينيون ڪڙايون، مُک واريون ڪڙيون، چاٻي واريون ڪڙيون ۽ ڪاڍلا)، نورا (انهن ۾ گهنگهرو ٿين ٿا، جنهن لاءِ مشهور چوڻي آهي: ’نورا ٻڌي نچڻ‘) ڇير (ڇير جا به ڪيترائي قسم آهن، انهن ۾ گنگهرن واري ڇير، ٻوڙي ڇير، پٽين واري ڇير، لکپتي ڇير، ڪڙين واري ڇير، قُبي واري ڇير، ڏانڊلي واري ڇير، ڦل واري ڇير، گاڏڙ ڇير، وي (v) ڇير، هڪ سري ڇير، ٻه سري، ٽي سري ۽ پنج سري ڇير شامل آهن).
هندو- مسلمانن جا زيور: هندو مسلمان ٻن وڏين پرجاتين کي پنهنجا پنهنجا زيور ۽ ڳهه الڳ آهن، جن جي ڪري انهن جي سڃاڻپ ۽ پرک پري کان ڪري سگهجي ٿي. ڪي اهڙا زيور به آهن جن کي ٻئي ذاتيون استعمال ڪن ٿيون. عورت جي هر عمر جي لحاظ کان ڪي زيور پاتا وڃن ٿا، جن جو ذڪر هيٺين ريت آهي:
زيور هندو ۽ مسلمان ٻنهي ذاتين جي زيب ۽ زينت، حسن ۽ جمال جو سينگار آهن، پر ڪا تفريق آهي، جا ٻنهي جي زيورن کي ثقافتي طور تي هڪ ٻئي کان اڳ ڪري ٿي، جنهنڪري ٻنهي جو پنهنجو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ، ٻولڻ، پهرڻ ۽ اوڍڻ جو علحده طريقو آهي. اها ورڇ نه صرف هندو- مسلمانن جي وچ ۾ آهي، پر سنڌ جي هر سماٽ قبيلي جي پنهنجي پنهنجي تشخيص ۽ سڃاڻپ آهي، جيڪي زيور مسلمان استعمال ڪن اُهي هندو نه ڪندا آهن ۽ جيڪي زيور هندو استعمال ڪن، انهن کي وري مسلمان هٿ به نه لائين. موجوده وقت ۾ هي فرق ختم ٿي ويو آهي، هاڻ جنهن کي جهڙو زيور وڻي سو پائي ٿو. مسلمان قبيلن جي زيورن ۾ آلي، ٽڪو، واٽڙيو، ڇير، لڪڙي، دهري، تعويذ، گلوبند، جهوڙو، ڇاٽلا، بازو بند، پاجيب (پازيب)، ساٽيون، پوپٽ، ڪڙڪون، جهمٽيون، در، الوڪ، پاٽڪنان، ٻندا، نسبي. هسي، جهانجهر ۽ نورا اهم آهن. هندن ۾ انهن زيورن مان ڪجهه ساڳيا آهن، جي ٿوري ڦيرڦار سان استعمال ٿين، پر مخصوص زيورن ۾ رمجهول، اونرا، لنگر، تيور، هانوڙا (هاوڻا)، انيٽا، ڪاتريا، ڪتريا، جهاٻا، پونچيون، گجريون، سٻي، سريون، نيٻوڙي. ڪنٺي، هوم (اوم)، واڙلو، هس، ٽڪڙو، ڏرگلا، مينڍ ڦل ۽ پور اهڙا ڳهه آهن جيڪي اڪثر هندو ذات وارا پائن ٿا. انهن کانسواءِ ٻنهي ذاتين ۾ ڪجهه گڏيل زيور پڻ آهن، جن ۾: مرڪيون، جهومڪ، ڦلايون، ڪوڪا، والا، نٿ، وينڊو، بولو، ڦلڙي، چوٽي ڦل، لونگ، ڦل، هار، ڪٺمال، مانڌريا، ڇلا، منڊيون، ڇٽ، در، هٿ سڪڙو، منگليون، چوڙيون، پٽيا، ٻانهوٺا، ڪنگڻ، ڪنگڻيون، چوڙيون، چوڙا، ٻانهين، اڻوٽ، چيلهه ميڪڙو، ڪڙيون پولڙيون، گهنگهرا وغيره.
عورتن ۽ مردن جا زيور: عمر جي لحاظ کان هر عورت پنهنجو پاڻ کي سينگاريندي ۽ سنواريندي رهندي آهي. اهڙا زيور عورت کي ٻن طرفن کان ملندا آهن: هڪڙا زيور مائٽن طرفان ملندا آهن ته ٻيا سندس ساهري گهر کان ڏنا ويندا آهن، جيڪي شادي کان پوءِ ساهراڻي گهر ۾ استعمال ڪري ٿي. مائٽن جي طرفان کيس ڏنل زيورن ، آلي مرڪيون، ٻنڌا، والا، ڦلڙي، ڦليون، در، بولو، هسلي، مانڌريا ۾ (ماڏريا)، ڪٺمال، ڪڙيون، ڇلا، منڊيون، دستون، ٻانهوٺا، پٽيا، منگليون، چوڙا، جهانجهر ۽ گهنگهر اهم آهن. باقي زيور سندس ساهري گهر کان ملندا آهن.
هندن ۾ نياڻيءَ جي شادي وقت ڳچيءَ ڪو وڏو ڳهه ۽ خاص ڪري ٻانهن جو ڳهه (جيڪي ڳهه شادي جي رسم لاءِ اهم ٿين ٿا) اهي مائٽن بجاءِ سندس ساهري گهر کان ملندا آهن.
هر عمر جي عورت جا پنهنجا پنهنجا ڳهه ۽ زيور آهن. ننڍي نينگري، جوان ڌيءُ، ڪنواري ۽ شادي شده عورت هر قسم جا ننڍا وڏا ڳهه ڳٺا ۽ زيور استعمال ڪري ٿي، پر پوڙهائپ ۽ رنڙجڻ کانپوءِ انهن زيورن ۾ سندس ڪا دلچسپي نه رهندي آهي. پوڙهائپ ۾ جواني جو اُهو حسن غائب ٿي ويندو آهي جنهنڪري سينگار ڪرڻ جي شوق جي وجهه نه رهندي آهي، تنهنڪري پوڙهيون عورتون رسمن تي نٿ، ايرينگ، ڦلڙي، هَسي، منگليون، ڪڙيون، ڇلو ۽ منڊي وغيره جو استعمال ڪنديون آهن.
عام طور تي سنڌي سماج ۾ اهي چوڻيون مشهور آهن ته: ”عورت جو سينگار مرد سان آهي، جي مرد نه رهيو ته سينگار ڇا جو“؟ رنڙجڻ کانپوءِ عورت پنهنجا سمورا زيور لاهي ڇڏيندي آهي. سندس نڪ هميشه ٻُٽو رهندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوٽول نه پيل هوندو آهي. البت ڪي عورتون والا، ڪڙيون ۽ هسي جو استعمال ڪنديون آهيون.
پراڻي زماني ۾ مردن جا به ڪيترائي ڇلا ۽ ڳهه هوندا هئا، جن ۾ ڪجهه مٿي، ٻانهن، ڳچيءَ ۽ پيرن ۾ استعمال ٿيندا هئا ۽ چيلهه پٽا به استعمال ڪيا ويندا هئا جيڪي اڪثر ڪري امير امرائن ۽ راجائن، مهاراجائن جي استعمال جون شيون هيون.
موجوده وقت ۾ پڻ ڪي زيور مرد سان منسلڪ آهن، انهن ۾ ڳچيءَ جا سادا ۽ زنجيرن وارا هار ۽ لاڪيٽ، منڊيون، ڇلا، ماندريا، تعويذ، مرڪيون ۽ پاٽڪڻان اهڙا زيور آهن جيڪي مرد به استعمال ڪن ۽ عورتون به استعمال ڪن. سامي ۽ جوڳي فقير جا مڻين وارا هار ۽ ڪنن جا والا به زيورن ۾ شمار ٿين ٿا. انهيءَ کانسواءِ کوٽڻيون، ڏند کوٽڻيون ۽ قميص جا ڪڙا ۽ بٽڻ به مرد استعمال ڪندا آهن.
جانورن جا زيور: جانورن کي سينگارڻ جو شوق سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي هلندو اچي. پراڻي زماني ۾ راجا جي رٿ (گاڏي) ۽ سواري ۾ گهوڙن، اُٺن، هاٿين کي سينگار ڪري کين ڪيترن ئي قسمن جا ڇلا وڌا ويندا هئا، جيڪي خاص ڪري سون ۽ چاندي مان ٺهيل هوندا هئا. ان کان سواءِ امير اُمرائن جي رٿن ۽ سواري جي جانورن کي پڻ سينگاريو ويندو هو.
موجوده زماني ۾ اُهو رواج باقي نه رهيو آهي، پر روايتي ۽ ثقافتي لحاظ کان اڄ به سنڌ ۾ گهوڙن، اُٺن ۽ ڍڳن کي سينگاريو وڃي ٿو. مال سان شوق ۽ چاهه رکندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي اُٺن، گهوڙن ۽ ڍڳن لاءِ ڳهه ٺهرائيندا آهن، جيڪي کين ثقافتي ميل ملاکڙي ۾ پارايا وڃن ٿا. اهڙا زيور گهٽ قيمت واري ڌاتن مان ٺهن ٿا، جن کي ’ساڄ‘ سڏيو وڃي. ڪي ماڻهو پنهنجي جانورن لاءِ سون ۽ چاندي مان به ڳهه ٺهرائيندا آهن.
شوقين ماڻهو گهوڙن ۽ اُٺن جي سنجن ۽ پاکڙن ۾ اڄ به سون جون ڦلڙيون ۽ چاندي جون پٽيون استعمال ڪرائن ٿا. اُٺن جي زيورن ۾ جنوئي، ڳاني، گوڏن جا گهنگهرو، جانجهر ۽ جهاٻا مکيه آهن. ڍڳن جي زيورن ۾ ڳانيون ۽ تعويذ مشهور آهن. گهوڙي جي زيورن ۾ جهانجهر، جهاٻا ۽ ’حني جا پٺا‘ پڻ سونارا ٺاهن ٿا. انهن زيورن کانسواءِ ڳانيون هرپاليل جانور کي پڻ ٻڌيون وڃن.




هن صفحي کي شيئر ڪريو